حاجي عبدالله خان مومن

حاجي عبدالله خان ’مومن‘: حاجي عبدالله خان ’مومن‘ ولد عمر خان خاصخيلي، 1882ع ڌاري ضلعي ٿرپارڪر (هاڻوڪي ضلعي ميرپورخاص) جي شهر ڪوٽ غلام محمد ۾ ڄائو. سندس والدين ڪوٽ غلام محمد جا اصلوڪا رهاڪو هئا. حاجي عبدالله خان ان دؤر جي قابل استادن کان ديني تعليم حاصل ڪئي. اُن کان سواءِ ست درجا فائنل جا به پاس ڪيائين. هو ننڍپڻ کان ئي نماز روزي جو پابند هو. 1911ع کان 1913ع تائين پرائمري استاد ٿي رهيو. 1914ع کان 1916ع تائين تپيداريءَ جي نوڪري ڪيائين. والد جي وفات کان پوءِ نوڪري ڇڏي، زمين اچي آباد ڪيائين. پنهنجي مسلسل محنت، جفاڪشيءَ ۽ خداداد صلاحيتن سان جلد جائداد، عزت، ناموس ۽ سرنديءَ وارو ٿيو. اڳتي هلي ضلعي ٿرپارڪر لوڪلبورڊ جو ميمبر چونڊيو. ان عرصي دوران هن علائقي جي ڀلائيءَ ۽ بهبوديءَ لاءِ تمام گهڻو ڪم ڪيو. حاجي عبدالله خان خاصخيلي ابتدا قبيلي جي ڀلائيءَ ۽ بهبود جي ڪمن سان ڪئي، پر اڳتي هلي ذات پات جي فرق کان سواءِ عام ماڻهن جي فلاح جا ڪم ڪيائين. ديندار شخص هئڻ ڪري ست حج ۽ ڪيترا عمرا ڪيائين. هن پنهنجي ذاتي خرچ سان هڪ مسجد ۽ هڪ مدرسو ’مدرسة دارالسعادت‘ قائم ڪرايو، جيڪو اڄ تائين موجود آهي. حاجي عبدالله ’مومن‘ ڪيترا ڪتاب به لکيا، جن مان ’مواعظ حسنه‘ قابل ذڪر آهي، جيڪو رسول اڪرمصه جي حُسن اخلاق ۽ سيرت بابت لکيل آهي. هن نيڪ بزرگ، 12 ڊسمبر 1965ع تي وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو